رام باغ

رام باغ: رام باغ ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. هن باغ تي اهو نالو رامچندر جي ڪري پيو. هڪ روايت موجب شري رامچندر، جيڪو هندن جو ڀڳوان آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي زماني کان ڪيتريون صديون اڳ سنڌ مان هنگلاج ويندي هڪڙي رات پنهنجي پتنيءَ سان گڏ هن جاءِ تي ترسيو هو، جنهنڪري انهيءَ جاءِ تي ’رام باغ‘ نالو پيو آهي. ورهاڱي کانپوءِ هن جو نالو ڦيرائي ’آرام باغ‘ ڪيو ويو آهي.


لفظ رام باغھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو